شبيران چنا

شبيران چنا

شبيران چنا

شبيران چنا: سنڌ جي مشھور اداڪاره شبيران چنا، ڌي شاهنواز چنا 15 جنوري 1958ع تي لاڙڪاڻي شھر ۾ پيدا ٿي. هن انٽر تائين تعليم لاڙڪاڻي مان حاصل ڪئي. هيءَ 32 سال پرائمري استاد رهي، جنھن مان ٽي سال لاڙڪاڻي ۽ 29 سال ڪراچيءَ ۾ نوڪري ڪئي. فن جي دنيا ۾ 1987ع ۾ آئي. سندس پھريون سولو پلي ’ڇوڏو‘ هو، جنھن جو پروڊيوسر بيدل مسرور هو. هن لڳ ڀڳ 500 ڊرامن ۾ ڪم ڪيو. سندس مشھور ڊرامن ۾: ’سوال‘، ’ڪونج‘، ’ڳاڙهي‘، ’زنجيرون‘، ’پٿر دنيا‘، ’نصيب‘، ’رواج‘، ’قسمت‘، ’روڳ‘ ۽ ٻيا ڪيترائي شامل آهن. سندس اداڪاريءَ جو انداز بلڪل منفرد هو. پاڻ اصل نالي بدران ڊرامي واري نالي ’خيران ۽ ’مرادان‘ وڌيڪ مقبول رهي. سندس ڊائلاگ ”خيران جي سر جو خير هجي“ تمام گهڻو مشھور ٿيو. هن ڪافي فلمن ۾ به ڪم ڪيو، جن ۾: ’سنڌو ڪناري‘، ’پوتي ۽ پڳ‘، ’نصيب‘، ’خيران ڌاڙيل‘، ’خيران جو بدلو‘ ۽ ٻيون شامل آهن. سندس مڙس جو نالو محمد حسين هو، جيڪو پوليس کاتي ۾ ملازم هو. شبيران چنا کي ٽي پٽ: ’نويد حسين، سجاد حسين ۽ جواد حسين‘ ۽ پنجن نياڻين: عاليه چنا، ناديه حسين، ساديه حسين، شازيه حسين ۽ تانيه حسين نالي اولاد آهي. عاليه چنا پڻ ٽي. وي جي مشھور اداڪاره آهي، جيڪا ڪافي ڊرامن ۾ ڪم ڪري چڪي آهي. شبيران چنا 23 اپريل 2023ع تي سفر دؤران قاضي احمد ڀرسان روڊ حادثي ۾ سخت زخمي ٿي. جنھن کانپوءِ کيس ڪراچي جي ڊائو اسپتال منقتل ڪيو ويو. جتي ڪيترائي ڏينھن علاج هيٺ رهي، پر طبيعت ۾ بھتري نه اچڻ سبب هن 14 مئي 2023ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1958.01.15  عيسوي

سنڌ جي مشھور اداڪاره شبيران چنا، ڌي شاهنواز چنا 15 جنوري 1958ع تي لاڙڪاڻي شھر ۾ پيدا ٿي.


2023.05.14  عيسوي

شبيران چنا 23 اپريل 2023ع تي سفر دؤران قاضي احمد ڀرسان روڊ حادثي ۾ سخت زخمي ٿي. جنھن کانپوءِ کيس ڪراچي جي ڊائو اسپتال منقتل ڪيو ويو. جتي ڪيترائي ڏينھن علاج هيٺ رهي، پر طبيعت ۾ بھتري نه اچڻ سبب هن 14 مئي 2023ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

رتناگر شيرين
ڌڻي بخش مهر مولانا
مولانا قمر الدين انڍڙ
درويش دائود 2
امان الله شيخ
آڏواڻي جڳت
بزرگ بن شهريار1
ابو اسحاق ابراهيم بن سنان
ظفر الله خان
شفيع محمد شاهه
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون